ڊومڻ واهه

ڊومڻ واهه: ماضيءَ ۾ حيدرآباد جي اڀرندي حصي ۾ هڪڙو واهه وهندو هو، جنهن جو نالو انگريز عملدار ’ڊومين‘ جي پُٺيان ’ڊومين واهه‘ رکيو ويو، جيڪو عوامي لهجي موجب هاڻي ’ڊومڻ واهه‘ سڏجي ٿو. هي واهه ان دؤر ۾ ٽن تلائن کي پاڻي رسائيندو هو، جن ۾ تلاءُ نمبر 1، تلاءُ نمبر 2 ۽ تلاءُ نمبر 3 هئا. هن وقت تلاءُ نمبر 3 وسنديءَ جي شڪل ۾ اڄ به حيدرآباد شهر ۾ موجود آهي. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد شهر جي ٻنهي طرفن کان گھڻي مقدار ۾ پاڻي موجود هو، ۽ هتي پاڻيءَ جي ڪا به کوٽ نه هئي، اونهاري جي مند ۾ ڦليلي واهه جو پاڻي ڪنارن کان پلٽجي ٻاهر ايندو هو ۽ هيٺانهين وارين جاين تي گڏ ٿي ويندو ۽ تلائن جي شڪل اختيار ڪندو هو، جنهنڪري انهن هيٺاهينءَ وارن علائقن ۾ تلاءُ وجود ۾ آيا، جن ۾ تلاءُ نمبر 1، تلاءُ نمبر 2 ۽ تلاءُ نمبر 3 آهن. ڦليلي واهه کي بند ٻڌڻ کانپوءِ انهن تلائن تائين پاڻي اچڻ بند ٿي ويو، پر پوءِ صرف ’ڊومين واهه‘ ذريعي ئي انهن تلائن تائين پاڻي پهچندو هو، پر هن وقت انهن ٽنهي تلائن ۾ پاڻي موجود ناهي ۽ اتي آباديون ٿي ويون آهن. حيدرآباد جي پراڻن رهواسين جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه جيڪو گندو نالو شهر جو گندو پاڻي کڻي وڃي ڦليليءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، نشاط ۽ ڪيپيٽل سينئما جي سامهون وهي ٿو، اهو ئي ڊومڻ/ ڊومين واهه آهي. ڊومڻ واهه سري گھاٽ تائين ايندو هو.


لفظ ڊومڻ واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو